پيرزاده مسجد

پيرزاده مسجد: مٽياري شهر جي پيرزاده محلي ۾ واقع هيءَ مسجد 938هه/ 1531ع ڌاري سخي رڪن الدينرح جوڙائي. هن مسجد جو اصل نالو ’مسجد ربي‘ هو. پر اڳتي هلي پيرزادي محلي ۾ هجڻ ڪري ’پيرزاده مسجد‘ جي نالي سان سڃاپجڻ لڳي. مسجد جوڙائڻ بعد شروع ۾ سخي رڪن الدين هن مسجد ۾ درس ۽ تدريس جو سلسلو جاري رکيو. 938 هه/ 1531ع کان 975 هه/1567ع تائين ستٽيهه سال سخي صاحب هن مسجد ۾ درس ۽ تدريس سان گڏ امامت جو فرض نڀايو. سندس وفات بعد سندس پٽ سيد حافظ 975 هه/1567ع کان 1006هه/1597ع تائين؛ ان بعد سيد ظهير الدين 1006 هه/1597ع کان 1031 هه تائين؛ سيد آيل شاهه 1031هه/1621ع کان 1060 هه/1650ع تائين؛ سيد آدم شاهه 1060 هه/ 1650ع کان 1090 هه/ 1679ع تائين، سيد جان محمد 1090 هه کان 1101 هه/ 1689ع تائين، سيد بُولا شاهه 1101 هه/1689ع کان 1122 هه/1710ع تائين، سخي رڪن الدينرح جي درس تدريس ۽ امامت جي روايت کي برقرار رکيو، جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. ڪن روايتن موجب ته سخي رڪن الدينرح جي جوڙايل مسجد اِها نه آهي، بلڪ اُها مسجد آهي، جيڪا سندس مقبري وٽ آهي. پر اها مسجد سندس وفات کان ڪافي پوءِ جي جوڙايل آهي. ڪن روايتن موجب محمد هاشم ٺٽوي ۽ سندس پوٽي مخدوم ابراهيم مڏڻي واري به هن مسجد ۾ نماز پڙهي هئي. انگريزن جي دؤر ۾ مسجد جي ڇت کي برسات سبب ڪجهه نقصان پهتو، جنهن بعد مرمتي ڪم شروع ڪرايو ويو، پر ڪن ڳالهين سبب واڍا ڪاوڙجي اڌ ۾ ڪم ڇڏي هليا ويا. جنهن بعد سنڌيءَ ۾ قرآن شريف جو پهريون ترجمو ڪندڙ آخوند عزيز الله مٽيارويءَ مسجد جو رهيل ڪم پورو ڪرايو. جنهن جي ثبوت طور مسجد جي ڇت ۾ ٻه ڪمانون ٻين حصن کان بلڪل ئي الڳ ۽ منفرد موجود آهن. پيرزاده مسجد ۾ اڄ به سوين نمازي نماز ادا ڪن ٿا ۽ درس ۽ تدريس وارو سلسلو جيئن جو تيئن هلندو پيو اچي.


لفظ پيرزاده مسجدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو